ڪراچي ۾ گرميءَ جي شدت وڌڻ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي جي شدت ۾ معمولي واڌ جو امڪان آهي.
موسميات تجزئي نگارن موجب اڄ کان سومر تائين ڏينهن جو گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو.
موسمياتي تجزئي نگارن ٻڌايو ته ڪراچي جي مختلف حصن ۾ گرمي جي شدت 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته اڄ کان سومر تائين رات جو بوندا باندي جو به امڪان رهندو.
موسمياتي تجزئي نگارن چيو آهي ته سومر کان پوءِ گرمي پد ۾ ڪجهه گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي، عيد کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر گرمي وڌي سگهي ٿي.

karachi weather weatherupdate

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.