سينيٽ ڪميٽي نان فائلرز جي ٻاهرئين ملڪ سفر تي پابندي جي تجويز منظور ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي نان فائرز جي ٻاهرئين ملڪ سفر تي پابندي جي تجويز منظور ڪري ورتي.
سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ نان فائلرز جي ٻاهرئين ملڪ سفر تي پابندي جي تجويز منظور ڪئي وئي.
ايف بي آر چيئرمين چيو ته ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪندڙن خلاف انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر تحت ڪارروائي ٿيندي، حج، عمرو ڪندڙن، ننڍن ٻارن، شاگردن ۽ نائيڪوپ رکندڙ اوورسيز پاڪستانين کي ڇوٽ هوندي.
ايف بي آر چيئرمين موجب نان فائلرز جون موبائل سمون، بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن به ڪاٽيا ويندا.

fbr senateofpakistan nonfiler

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.