جي 7 ملڪن جو چين تي يوڪرين جنگ ۾ روس جي مدد جو الزام

روم (ويب ڊيسڪ) جي 7 ملڪن چين تي الزام هنيو آهي ته اهو روس کي سپورٽ ڪري يوڪرين خلاف جنگ کي وڌيڪ وڌائي رهيو آهي.
جي 7 ملڪن جي ميٽنگ جمعي ڏينهن اٽلي ۾ ٿي، جتي ميزبان اٽلي سميت آمريڪا، برطانيا، فرانس، ڪينيڊا، جرمني ۽ جاپان جي اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ چين خلاف سخت موقف اختيار ڪندي چيو ويو ته چين طرفان روس جي ڊفينس انڊسٽريل بيس کي سپورٽ ڪرڻ سان روس کي يوڪرين ۾ پنهنجي غير قانوني جنگ جاري رکڻ ۾ مدد ملي رهي آهي، جنهن جا انتهائي اهم ۽ وڏي پئماني تي سيڪيورٽي نتيجا آهن.
جي 7 ملڪن مطالبو ڪيو ته چين روس کي هٿيارن ۽ ٻئي جنگي سامان جي فراهمي روڪي، جيڪا روس جي ڊفينس سيڪٽر کي مدد ڏئي رهي آهي، ٻي صورت ۾ چيني ادارا مختلف پابندين کي منهن ڏئي سگهن ٿا.

china russia ukraine

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.