مظفرآباد (م ڊ ) آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي ضمانت منظوري ڪري ورتي. آزاد ڪشمير جي هاءِ ڪورٽ احمد فرهاد جي 2 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي. ياد رهي ته شاعر احمد فرهاد مئي جي مهيني ۾ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد مان کنڀجي ويو هو، جنهن جي بازيابي لاءِ سندس گهر واريءَ عروج زينب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. بازيابي واري درخواست بعد آزاد ڪشمير پوليس سندس گرفتاري ظاهر ڪئي.