گهوٽڪي ويجهو نڻان ۽ ڀاڄائي گوليون هڻي قتل، لاش جهنگ ۾ اڇلايا ويا

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم چاچڙ ۾ ٻن عورتن 35 سالن جي منظوران چاچڙ زال اصغر علي چاچڙ ۽ 30 سالن جي شازيه زال غلام سرور چاچڙ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي.اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مقتولا عورتن جا لاش کڻائي اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.عورتن جي لاشن سان گڏ آيل پيرسن عورت جو چوڻ هو ته مقتولا عورتن مان هڪ هن جي نياڻي ۽ ٻي ننهن آهي جنهن کي جوابدار سرور قتل ڪري پاڻ ڀڄي ويو آهي.هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته عورتن جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو ان بابت جاچ ڪري رهيا آهيون.هوڏانهن علائقي چئوٻول آهن ته جوابدار ٻنهي عورتن کي گهران عيد جي خريداري بهاني وٺي ويو جنهن بعد کين رستي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي،ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.