صنعتن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا 69 پئسا في يونٽ لاٿ

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف صنعتن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا 69 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪري ڇڏي.  وزيراعظم  آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم صنعت ۽ برآمدات وڌائڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن. نيپرا صنعتن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا 69 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي تجويز ڏني هئي جنهن جي وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس موجب اهو پيڪيج صنعتن کي عالمي مارڪيٽ ۾ شين جي قيمتن جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، جنهن سان صنعتي ۽ زرعي شين جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته ان پيڪيج سان صنعتي ترقي جي رفتار ۾ اضافو ٿيندو، روزگار ۾ اضافو ٿيندو ۽ صنعتن جي چرپر جي رفتار ۾ اضافو ٿيندو ۽ برآمدات ۾ واڌ سان قومي معيشت کي فائدو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.