ڪي اليڪٽرڪ پاران 64 سرڪاري کاتن جي بجلي ڪٽڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر): ڪي اليڪٽرڪ رهتون ادا نه ڪرڻ تي سرڪاري کاتن جي بجلي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان چيف سيڪريٽري ۽ توانائي واري سيڪريٽري کي خط لکي سنڌ جي 64 کاتن جي بجلي بند ڪرڻ بابت آگاهي ڏني. ڪي اليڪٽرڪ چيو آهي ته 8 ڀيرا خط لکيا ويا آهن پر واعدي موجب بل ادا نه ڪيا ويا، فيصلو ڪيو ويو آهي ته بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا. ڪي اليڪٽرڪ خط ۾ لکيو ته 2019ع ۾ سنڌ حڪومت سمورو بقايائون ۽ نوان بل ادا ڪرڻ جو چيو هو، بجلي کاتي کي بجلي جا بل ۽ بقايا ادا ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي. ڪي اليڪٽرڪ موجب صوبائي کاتن جي بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، معاملو فوري طور حل ڪيو وڃي، پراڻيون بقايائون ۽ نوان بل ادا ڪيا وڃن. ڪي اليڪٽرڪ خط  سان گڏ 64 صوبائي کاتن ۽ ايجنسين جي لسٽ به شامل ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.