جسٽس عقيل سميت ٽن ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي منظوري

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري: جسٽس شهزاد، جسٽس شاهد بلال ۽ جسٽس عقيل جي نالن جي منظوري  ڏني وئي آهي،  ججز جي پارلياماني ڪميٽي جڊيشل ڪميشن جي تجويز ڪيل نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي ،  ججن بابت پارلياماني ڪميٽي سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي معاملي تي جڊيشل ڪميشن جي تجويز ڪيل نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي ججن جي مقرري واري معاملي تي ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو، جنهن ۾ سپريم جڊيشل ڪميشن طرفان موڪليل نالن جي منظوري ڏني وئي. پارلياماني ڪميٽي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي کي سپريم ڪورٽ جو جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال کي به سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.