ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي رجسٽرار ڊاڪٽر ساجد جهانگير جي سهڪار سان بائيو ٽيڪنالاجي شعبي جي صدر ڊاڪٽر منزه دانش اعجاز جي صدارت ۾ فيڪلٽي ميمبر ڊاڪٽر سدره شاهين سان گڏ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي گروپ کي آءِ بي اي ڪراچي ۾ واقع سينٽر فار انٽرپرينوريئل ڊيولپمينٽ جو دورو ڪرايو ويو.
آءِ بي اي انٽرپرينيوريئل ڊيولپمينٽ ۾ موجد نمائندن طرفان تاريخ سان گڏوگڏ جاري پروگرامن ۽ ڪورسن بابت کين آگاهي ڏني.
گڏيل ملاقات ۾ ڊاڪٽر سدره شاهين طرفان ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته بائيو پراڊڪٽس کي ڪهڙي نموني مارڪيٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو ۽ ڪهڙي نموني انٽرپرينيورشپ جي ترڪيبن کي ڪتب آڻيندي اسٽارٽ اپس ڪري سگهجن ٿا.
آءِ بي اي جي نمائندن طرفان هاڪاري جواب ۾ اهو ٻڌايو ويو ته هو اردو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي واپار ۽ مهارت جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ان سان واڳيل ماڻهن سان ملڻ جا موقعا ۽ پليٽ فارم فراهم ڪندا جيڪو يونيورسٽي جي ترقي لاءِ سٺو سنوڻ آهي.
ڊاڪٽر سدره شاهين چيو ته اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري جا ٿورائتا آهيون جنهن هن سرگرمي کي اڳتي وڌايو.