ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ سون جو في تولو اٺ سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 41 هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 686 رپيا واڌ بعد 2 لک 7 هزار 47 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 8 ڊالر واڌ کانپوءِ 2303 ڊالرز آهي.
Next Post
You might also like