حياتي رهي ته 10 ڏينهن اندر عدت ڪيس اپيلن بابت فيصلو ٻڌائيندس: جج افضل مجوڪا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس زال بشريٰ بي بي طرفان سزا معطلي ۽ جلد ٻڌڻي جي اپيلن تي ٻڌڻي 21 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اپيلن تي بڌڻي جج افضل مجوڪا ڪئي، بشريٰ بي بي جو وڪيل خالد يوسف چوڌري، عثمان رياض گل عدالت م پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ وڪيلن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو گذريل ڏينهن وارو لکت ۾ آرڊر عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
جنهن تي جج افضل مجوڪا چيو ته جيڪڏهن زنده رهيس 10 ڏينهن اندر فيصلو ڪندس، سڀاڻي ممڪن ناهي، ڪيئي ضمانتن جون درخواستون لڳل آهن، جيڪڏهن ٻي پارٽي پيش نه به ٿي تڏهن به فيصلو ڪري ڇڏيندس.
تنهن کانپوءِ عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 21 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي….

Iddat case IHC BushraBibi ImranKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.