ورلڊ ڪپ: افغانستان پاپوا نيوگني کي 7 وڪيٽن تان هارائي سپر ايٽ جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي

ٽرينڊاد ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 29هين ميچ ۾ افغانستان پاپوا نيوگني کي 7 وڪيٽن سان شڪست ڏئي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
گروپ سي ۾ شامل ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ ٽرينڊاد جي برائن لارا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي، جتي افغانستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو.
پاپوا نيو گيني جي ٽيم 19 ڏهائي 5 اوورز ۾ 95 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
96 رنز جي جواب ۾ افغان بيٽرز 16هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو.
شاندار بالنگ تي فضل الحق فاروق کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
هن ميچ کان اڳ افغانستان پنهنجي گروپ ۾ 2 ميچز کيڏيون هيون ۽ ٻنهي ۾ ڪاميابي ماڻي هئي.
پاپوا نيوگني ايونٽ ۾ 2 ميچز کيڏيون ۽ ٻئي هارايون آهن…….

T20WorldCup2024 AfgvsPNG Supereight

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.