لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ شهزاد احمد خان جو چوڻ آهي ته هن وقت عدليه سامهون اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جو مسئلو آهي، عدليه اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي، ان مداخلت جي پڄاڻي جلد ٿيندي.
راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ شهزاد احمد چيو ته عدليه ۾ ادارن جي مداخلت جون شڪايتون سامهون اينديون رهنديون آهن، 2 کان 3 ڏينهن اڳ به هڪ جج جي شڪايت سامهون آئي آهي جنهن ۾ جج مداخلت جا سڀ واقعا بيان ڪيا آهن، سٺي ڳالهه آهي ته ان جج سڀ ڪجهه بيان ڪرن کانپوءِ چيو ته هو ان جي باوجود ڊنل نه آهي، رڳو چيف جسٽس جي ڄاڻ ۾ آڻڻ چاهي پيو، ان جو نالو وٺڻ مناسب ناهي پر عدليه بنا لالچ جي ڪم ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته جج پاڻ سان پيش آيل واقعي تي لکيو ته اسان سان اهو سڀ ٿي رهيو آهي، جج چيو ته مان ڊنل نه آهيان، هر قرباني لاءِ تيار آهيان، جج جي لفظن سان منهنجو ڏيڍ ڪلو رت وڌي ويو، مون کي عدليه ۾ وڌيڪ شڪايتون به آيون آهن، مون کي فخر آهي ته ضلعي عدليه بنا ڊپ جي فرض انجام ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن خدا جو خوف دل ۾ هوندو ته ڏکيائيون حل ٿي وينديون…..
Establishment judiciary LHCCJ