هي عوامي بجيٽ ناهي،دفاعي ادارن جو ڪاروبار بند ڪريو: ايمل ولي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ ۾ ٽيڪسن جي گھڻائي تي سينيٽ اجلاس ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو، سينيٽرن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.اپوزيشن ليڊر شبلي فراز بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪندي چيو ته ناڻي  واري وزير جو هن حڪومت ۾ اچڻ بدترين فيصلو هو، پاڪستان تحريڪ انصاف هن بجيٽ کي زهر قاتل سمجهي ٿي، پگهارن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايو ويو. هيٺين طبقي جي ملازمن لاءِ زندگي گذارڻ ناممڪن بڻجي ويو.هن چيو ته ڪالهه پ پ وارن چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪنداسين، پوءِ ٿوري دير کانپوءِ گڏ ٿي ويا، پيپلز پارٽي هڪ نظرياتي پارٽي بدران مفاد پرست پارٽي بڻجي وئي آهي،توهان ايم ڪيو ايم ٽو بڻجي رهيا آهيو،هن چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ 2 ڪروڙ وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، اسان جي وقت ۾ قرض 44.3 ٽريلين هو، جيڪو اڄ 67.5 ٽريلين تي پهچي ويو آهي.جيستائين اشرافيه ملڪ ۾ پنهنجا ڪاروبار ۽ اثاثا واپس نه آڻيندي صورتحال اهڙي ئي رهندي، سينيٽر عرفان صديقي چيو ته توهان آءِ ايم ايف جي در تي نعرا هڻي چوندو ته پئسا نه ڏيو ته پوءِ ڇا ٿيندو.سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ايف بي آر جي چيئرمين کي هٽايو وڃي، جنهن اداري کي ٽيڪس گڏ ڪرڻو آهي ان جو سربراهه ئي  غلط آهي،سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته هاڻوڪي بجيٽ ۾ تمام گهڻا ٽيڪس لڳايا ويا آهن، هاڻ حالت اها ٿي وئي آهي جو  ساهه کڻڻ، موت ۽ شادي ۽ ٻارن جي پيدائش تي به ٽيڪس لڳايو وڃي،هن مطالبو ڪيو ته  اسيمبلين ۽ سينيٽ جون سموريون مراعتون ختم ڪيون وڃن ته جيئن اهو ظاهر ٿئي ته اسان قرضدار آهيون، اسان جي صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن کي به مراعتن جي ضرورت ناهي، 17گريڊ کان مٿي جي آفيسرن جا مزا آهن.هن چيو ته دفاعي ادارن جو ڪمرشل پراپرٽي سان ڪهڙو ڪم آهي؟ رولنگ ڏني وڃي ته دفاعي ادارن جي ملڪيتن جي ايراضي ۽ قيمت ٻڌائي وڃي، انهن جو ڪاٿو لڳائي  نجڪاري ڪئي وڃي ته ملڪ جو سمورو قرض لهي سگهي ٿو،هن چيو ته  ريٽائرڊ برگيڊيئر ۽ ان کان مٿي آفيسرن کي ڪهڙي آئين تحت باراني زمين ملي رهي آهي؟ هن چيو ته اسان جو ملڪ تيستائين ترقي ڪري نه ٿو سگهي جيستائين اسان خود احتسابيءَ جي عمل کي اختيار نه ٿا ڪريون ۽ اسان کي اهڙي عمل جي شروعات سينيٽ، قومي اسيملي، ڪابينه ۽ صوبائي اسميبلين کان وٺي ڊي سي آفيسن تائين ڪرڻي پوندي، ملڪ جي موجوده حالتن مان اسان کي اهو ڪهڙي به نموني محسوس نه ٿو ٿئي ته هي ڪو مقروض ملڪ آهي، هي جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي ان مان قومي بجيٽ جي عڪاسي ڪنهن به صورت ۾ نه پئي ٿئي، هي بجيٽ به آءِ ايم ايف جي ٺاهيل بجيٽ آهي . هُن چيو ته هن بجيٽ ۾ 77.6 سيڪڙو دفاعي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پينشن جي مدي ۾ واڌ ۽ نين نوڪريون ڏيڻ کان جواب ڏيڻ وارين حالتن ۾ جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، ان بجيٽ کي ڪنهن به صورت ۾ عوامي بجيٽ نه ٿو چئي سگهجي،هن  چيو ته هن ملڪ جي فوج اسان جي فوج آهي ۽ اسان اهو بار بار چوندا رهيا آهيون ۽ اسان فوج لاءِ قربانيون به ڏيندا رهيا آهيون پر سوال هي آهي ته فوج به ته ڪجهه ڪري ڏيکاري، فوج جي جڏهن مرضي ٿئي ٿي ته سياستدانن تي ظلم ڪري، جڏهن دل چاهيس ته عوام تي ظلم ڪري، چيو ٿو وڃي ته هيءَ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ آهي پر حقيقت اها نه آهي. پر ان جي ابتڙ حقيقت اها آهي ته هن ملڪ ۾ عام ماڻهو به محفوظ نه آهي . اسان کي اهو ته ٻڌايو وڃي ته ستر سالن ۾ فوج ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، ته پوءِ هي دفاعي بجيٽ ڇاجي لاءِ آهي. اڄ ملڪ جي صورتحال اها آهي جو اسان ٻين علائقائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيو، اسان کي چيو ويندو هو ته بنگالي اسان کان ڌار ٿي بک مري ويندا پر هو اڄ اسان کان وڌيڪ خوشحال آهن ترقي يافته آهن ۽ اسان تباهه ٿي ويا آهيون،هن چيوته  اسان جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، پر اڄ به اسان جي ترجيح هٿيار آهن، بندوقون آهن، ٽينڪون آهن، ۽ ايٽم بم آهي، اسان کي پنهنجيون ترجيحون تبديل ڪرڻيون پونديون، قوم تيستائين ترقي ڪري نه سگهندي جيستائين اسان جو ملڪ پنهنجون ترجيحون تبديل نه ڪندو، هن چيو ته  صوبن کي پڻ اهڙا فائدا ۽ رعايتون ختم ڪرڻ گهرجن ۽ ڪابينه جي وزيرن کي به رعايتون ۽ فائدا وٺن کان انڪار ڪرڻ گهرجي، اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي به پنهنجيون رعايتون ۽ فائدا ختم ڪرڻ گهرجن، نيشنل پارٽي جي سينيٽر جان محمد چيو ته هن بجيٽ ۾ خوشحالي ۽ بحالي جو ڪو به منصوبو ناهي، عوام کي رليف ڏيڻ جو ڪو به منصوبو ناهي، بجيٽ ۾ زرعي شعبي لاءِ ڪجهه به نه رکيو ويو آهي.تاج حيدر چيو ته بجيٽ دستاويز ۾ رڳو ناڪام پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي، بجيٽ دستاويز رڳو آءِ ايم ايف جا گڻ ڳائي رهيا آهن، خوشي ملهائي پئي وڃي ته آءِ ايم ايف اسان سان متفق آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ اسمگلر ملڪ جي پاليسي ٺاهي رهيا آهن،وياج جي شرح ملڪ کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اين ايف سي ايوارڊ جي متوازي ايوارڊ ڏنو پيو وڃي، جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي، بجيٽ ٺاهڻ وقت آئين کي ٽوڙڻ نه گهرجي.سينيٽر دوست محمد خان بجيٽ کي تباهه ڪندڙ بجيٽ قرار ڏيندي چيو ته اها آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي، ناڻي واري وزير کي اها بجيٽ  آءِ ايم ايف وٽ وڃي پيش ڪرڻ گهرجي ها، فاٽا ۽ پاٽا تي ٽيڪس لڳائڻ  هڪ ڊرون حملي جي برابر آهي .سينيٽر طاهر خليل چيو ته وڏا ڪاروباري ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين، سڀني کي ٽيڪس نيٽ ورڪ ۾ آڻڻو پوندو. سينيٽر عون عباس چيو ته پ پ هن وقت منافقت ڪري رهي آهي، بجيٽ ۾ پ پ مڪمل طور تي گڏ آهي، جڏهن مٿان کان حڪم ٿيو ته سموري پ پ ايوان ۾ هٿ ٻڌي اچي وئي، ٽيڪسن جو سمورو بار پگهاردار طبقي تي وڌو ويو آهي،سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته مان قسم کڻي چوان ٿو ته مان انهن ڪتابن جو هڪ سيڪڙو به نٿو پڙهان، هن ايوان ۾ سڀ ڪجهه ڪوڙ آهي، نه ڪو وزير آهي، نه ڪو حڪومتي ميمبر، اها ڳالهه اسان لاءِ شرم جي ڳالهه آهي، اسان عوام جي پئسي کي لٽي رهيا آهيون .

AimalWaliKhan Budget2024 DHA PPP PTI PMLN

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.