6 ڪور ڪمانڊرن جا آرمي چيف آڏو خدشا؟

اسلام آباد(معظم فخر)اسلام آباد ۾ افواهه گرم آهن ته فوج ۾ نئين هلچل متل آهي، گهٽ ۾ گهٽ 6  ڪور ڪمانڊرن آرمي چيف سان رابطو ڪيو آهي ۽ کيس آگاهه ڪيو آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ جيڪو سياسي بحران آهي اهو حل ٿيڻ گهرجي ۽ ان بحران جي نتيجي ۾ فوج ۾ جيڪي تضاد آهن اهي به ختم ٿيڻ گهرجن،اها ڳالهه به گرم آهي ته آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ۾ اختلاف چوٽ چڙهيل آهن،ا سلام آباد جي سياسي حلقن ۾ هڪ اهم ترين ملاقات جي خبر به گرم آهي جيڪا گذريل هفتي اسلام آباد ۾ ٿي هئي، پي ٽي آءِ جي ٻاهرين ملڪ فرار ٿيندڙ اڳواڻ شهزاد اڪبر ٽوئيٽ ڪيو آهي ته 90ع وانگر ٻيهر آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ هڪ ٻئي خلاف ٿي ويون آهن، اسٽيبلشمينٽ ۾ نئين جنگ شروع ٿي وئي آهي،شهزاد اڪبر پنهنجي وي لاگ ۾ چوي ٿو ته اينڪر عمران رياض جي گرفتاري ۾ آءِ ايس آءِ نه پر ايم آءِ جو هٿ آهي،گذريل هفتي نوازشريف هڪ اهم ترين ملاقات ڪئي هئي،دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نوازشريف جي آرمي چيف سان ملاقات جو حوالو ڏنو ويو آهي حالانڪه ان وقت آرمي چيف وزيراعظم سان گڏ چين دوري تي ويل هو،شهزاد اڪبر جي اها دعويٰ ڪوڙي نڪتي آهي،شهزاد اڪبر 6 ڪور ڪمانڊرن جي آرمي چيف آڏو پيش ڪيل خدشن جي به غلط خبر ڏني آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 14 جون 2024ع تي شايع ٿيو

PakArmy COAS AsimMunir courcommanders

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.