ايس آءِ ايف سي ارڙهين ترميم جي خلاف آهي،سينيٽ کي اختيار ڏنا وڃن:محمود اچڪزئي

اسلام آباد ( م ڊ ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه،تحفظ آئين پاڪستان جي صدر ۽ سينيئر سياستدان محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته فيبروري ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ ملڪي تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ٿي آهي، اسان جو سيٽون ٻين کي ڏنيون ويون، عمران خان ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي پر اها ڳالهه سڀني کي مڃڻي پوندي ته سندس پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف گذريل اليڪشن ۾ سڄي ملڪ مان ڪلين سوئيپ ڪري چڪي آهي، کيس مليل مينڊيٽ کي تسليم ڪري پنهنجي غلطين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي ۽ پاڻ سان اهو عهد پڻ ڪرڻو پوندو ته ٻيهر ان قسم جي غلطين جو ورجاءُ نه ڪنداسين ۽ ڪنهن به غير جمهوري عمل جو حصو ۽ غير جمهوري قوتن جو سهولتڪار نه بڻجنداسين  ڇاڪاڻ ته اسان جي اهڙن ڪرتوتن جي ڪري ئي ملڪ موجوده مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي، هُن  چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت مڙهيل آهي، جيستائين ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم نه ڪندا ۽ حقيقي جمهويت جو قيام عمل نه ٿيندو تيستائين بربادي جو سلسلو برقرار رهندو، اهو تڏهن ممڪن بڻجي سگهندو جڏهن سموريون پارٽيون ان ڳالهه تي سهمت ٿينديون ته طاقت جو سرچشمو رڳو پارليامينٽ ئي هجڻ گهرجي، آئين جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت لاءِ اسان جدوجهد ڪري رهيا آهيون ان معاملي ۾ اسان جو ٻين پارٽين جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن ساٿ نه پيا ڏين پر مٿن اهڙو وقت به ايندو جو اهي پنهنجي گهرن مان ٻاهر به نڪري نه سگهندا،هن چيو ته  ماضي ۾ بينظير ڀٽو پنهنجي معصوم ٻارن سيمت جلاوطن رهي، شريف ڀائرن  سميت ٻيا سياستدان پڻ جلاوطن رهيا پر اهي به غير سياسي قوتن جي ان قدم کي روڪي نه سگهيا. جيتوڻيڪ ملڪي آئين ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏئي ته ڪنهن سيڪيورٽي اداري جو سربراهه يا اهلڪار سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪري پر بدقسمتيءَ سان اسان جا سياستدان کين  سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏيندا رهن ته اسان جي فلاڻي فلاڻي شخص کان جند ڇڏرايو، اسان رڳو ملٽري اسٽيبلشمنٽ کي ايترو چونداسين ته اوهان گهڻي گڙبڙ ڪري چڪا آهيون هاڻ ملڪي مفادن جي خاطر پوئتي هٽي وڃو ۽ سياستدانن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، محمود خان اچڪزئي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي پهريون حق سنڌين جو آهي، اهڙي طرح پنجاب تي پنجابين ۽ بلوچستان تي بلوچن جو،فاٽا  جا علائقا اسان جي حوالي ڪيا وڃن ته اسين آءِ ايم ايف جو سمورو قرض لاهي ڇڏينداسين ۽ ايئن ٿيڻ سان دهشت گردي پڻ ختم ٿي ويندي، ڇو ته ملڪ وسيلن سان مالا مال آهي پر غربت بدحالي ۽ جهالت ان لاءِ آهي جو هتي هڪ ميمبر ستر ڪروڙن رپين ۾ خريد ڪيو وڃي ٿو، افسوس سان چوان ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ويڪائو آهي،هن چيو ته آصف زرداري 18هين آڻي تاريخ رقم ڪئي آهي پر هو هاڻي وري صدر بڻيو آهي،هاڻي هڪ ٻي مهرباني ڪري، پارليامينٽ کي لکي ته جيڪي اختيار قومي اسيمبلي وٽ آهن ۽ سينيٽ کي ناهن مليا اهي سمورا اختيار سينيٽ کي واپس ڪيا وڃن،سينيٽ ۾ برابري آهي، هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ارڙهين ترميم جي ڀڃڪڙي آهي، صوبن جا وسيلا لٽيا پيا وڃن، هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته افغان طالبان سان ڳالهيون ڪري سينٽرل ايشيا جي رستي وڻج واپار ڪري آءِ ايم ايف جي قرض ۽ لوڊشيڊنگ جي خاتمي سان گڏ جهجهو ناڻو پڻ ڪمائي سگهون ٿا ته ٻي صورت ۾ سمورو خطو دهشتگردي جي لپيٽ ۾ اچي ويندو، محمود خان اچڪزئي وڌيڪ اهو پڻ چيو ته گهٽين ۾ گهمندي مون اهو پڻ ٻڌو آهي ته صادق سنجراڻي کي وزير اعليٰ بڻايو پيو وڃي،نواز شريف سان ڳالهيون هلندڙ آهن جيڪي ظاهر نٿيون ڪري سگهجن ڇاڪاڻ اسان ملڪ کي جن ماڻهن جي قبضي مان ڇڏائڻ چاهيون ٿا اهي وڏا طاقتور آهن.

MahmoodKhanAchakzai PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.