فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ آئرلينڊ جي ميچ کان اڳ فلوريڊا جي شهر لاڊرڊيل ۾ برسات بيهجي وئي ۽ سج نڪري آيو.
واضح رهي ته آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر لاڊرڊيل سان جڙيل علائقي لاڊرهل ۾ شيڊيول اها ميچ پاڪستاني ٽيم جي ايندڙ مرحلي تائين پهچ لاءِ انتهائي اهم آهي.
ان ميچ ۾ آمريڪا جي شڪست سان پاڪستان ٽيم جي سپر ايٽ ۾ پهچڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا.
لاڊرڊيل ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان برسات جاري هئي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته 14 جون تي آمريڪا ۽ آئرلينڊ جي ميچ، جڏهن ته ان کانپوءِ 16 جون تي پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي ميچ به متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
پر هاڻ موسم بهتر ٿيڻ لڳي آهي ۽ اتي سج نڪري آيو آهي، مسلسل پوندڙ برسات جو سلسلو اڄ صبح کان بيهجي ويو آهي.
هوڏانهن لاڊرهل ۾ برسات جي اڳڪٿي موجود آهي پر امڪان اڳ کان گهٽ آهن.
irevsusa pakvsire pakistancricketteam