اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڏيڍ لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڏيڍ لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
اي سي سي موجب اگهه وڌڻ جي صورت ۾ کنڊ جي برآمد روڪي ويندي.
اي سي سي آئوٽ اسٽينڊنگ ڪسٽم ڊيوٽي جي ضرورتن لاءِ 127 ملين رقم جي منظوري به ڏني.
اجلاس ۾ ايوان صدر جي ملازمن جي خرچن لاءِ 29 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي.
اي سي سي بچاءَ واري وزارت جي هلندڙ مالي سال جو شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ 24 اربن جي منظوري ڏني.
ecc shahbazsharif pmln