دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جيان يونان ۾ به سخت گرمي آهي، جنهن سبب اسڪولن ۽ سياحتي ماڳن کي بند ڪيو ويو آهي.
يوناني شهري هيل گرمين ۾ پهريون ڀيرو هيٽ ويو کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته ان دوران وڌ کان وڌ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
سخت گرمي سبب حڪومت عوام کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ اسڪولن ۽ تاريخي سياحتي ماڳن کي سياحن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
Greece athens heatwave