بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ جي تخت گاهه بئنڪاڪ ۾ پکين جي مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ هزار ناياب پکي ۽ جانور مري ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب بئنڪاڪ جي مشهور چٽوچڪ مارڪيٽ ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي وڌي وئي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان مارڪيٽ ۾ 100 جي لڳ ڀڳ دڪان موجود هئا، جن ۾ قيمتي ۽ ناياب جانور ۽ پکي موجود هئا، باهه سبب هڪ هزار جي لڳ ڀڳ جانور ۽ پکي پنهنجي پڃرن ۾ ئي سڙي مري ويا، جڏهن ته ڪيترائي ساهه منجهڻ سبب مري ويا.
مري ويل جاندارن ۾ پکي، ڪتا، ٻليون، نانگ ۽ ٻيا ناياب جانور به شامل آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب خوش قسمتي سان مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سان ڪو انساني جان جو نقصان نه ٿيو.
bangkok Thailand thai