”حڪومت سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي هڪ فائروال انسٽال ڪرڻ جي منصوبي جا چوٻول هلندڙ آهن.

ميڊيا رپورٽس موجب انٽرنيٽ تي سوشل ميڊياکي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت قومي سطح تي هڪ فائر وال نصب ڪري رهي آهي، جنهن ذريعي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ فيسبڪ، ايڪس، يوٽيوب کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.

ان فائروال جي مدد سان رياست مخالف پروپيگينڊا ڪرڻ وارن اڪائونٽس جا انٽرنيٽ پروٽوڪول ايڊريسز فوري طور تي دستياب هوندا ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

فائر وال جو اهو نظام چين کان ورتو ويو آهي، ان لاءِ ڪيتري ادائيگي ڪئي وئي آهي؟ ۽ اهو ڪيئن ڪم ڪندو؟ ان بابت في الحال ڪا به ڄاڻ سامهون ناهي آئي.

فائروال ڇا آهي؟

فائروال سسٽم بنيادي طور تي انٽرنيٽ گيٽ ويز تي لڳايو ويندو آهي، جتان انٽرنيٽ اپ لنڪ ۽ ڊائون لنڪ ٿيندو آهي، ان جو مقصد انٽرنيٽ ٽريفڪ فلٽر ڪرڻ آهي.

فائروال جي مدد سان پسند نه ايندڙ ويب سائيٽس، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ مخصوص مواد کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙي ڪنهن به قسم جي مواد کي بلاڪ به ڪري سگهجي ٿو.

ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي دور ۾ انٽرنيٽ تي فائروال نصب ڪرڻ باوجود به ڪجهه خاص فائدا حاصل ناهن ٿيندا، هاڻي چين ۾ انٽرنيٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان فائروال نصب ڪيا ويا آهن، پر انهن کان بچڻ لاءِ واهپيدار ورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪ (وي پي اين) جو استعمال ڪندا آهن.

Pakistan Technology SocialMedia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.