اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت وفاقي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا لاءِ ب فارم جو شرط ختم ڪري ڇڏيو.
اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي وڌندڙ انگ جو هڪ سبب فارم ب هو، سيڪريٽري ايجوڪيشن محيءُ الدين واني موجب ان عمل ڪمزور آبادين کي متاثر ڪيو آهي، انهن ئي سببن جي بنياد تي داخلا لاءِ اڳ کان لاڳو لازمي فارم ب جو شرط ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ رهندڙ سمورا ٻار هاڻ دستاويزن جي حيثيت سان سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا جا اهل هوندا.
هن چيو اسان جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته هر ٻار کي معياري تعليم تائين پهچ حاصل هجي.
Next Post
You might also like