مودي حڪومت اوپيندرا دويدي کي نئون آرمي چيف نامزد ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت ليفٽيننٽ جنرل اوپيندرا دويدي کي نئون آرمي چيف نامزد ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب نئون آرمي چيف 30 جون تي پنهنجو عهدو سنڀاليندو، جنرل دويدي سال 1984 ۾ ڀارتي فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي ۽ ان وقت هو وائس چيف آف آرمي اسٽاف آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته موجوده ڀارتي آرمي چيف جنرل منوج پانڊي 30 جون تي پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو.
واضح رهي ته ڀارتي حڪومت لوڪ سڀا چونڊن سبب موجوده آرمي چيف منوج پانڊي جي ملازمت جي مدي ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي هئي، ان کان اڳ سندس ملازمت جو مدو 30 مئي تي مڪمل ٿيو هو.

narendramodi newdelhi india

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.