شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي استاد تي مبينا تشدد ۽ ڌمڪيون

نوابشاهه (پ ر) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي استاد کي اڻڄاتل جوابدارن مبينا تشدد جو نشانو بڻائيندي ڌمڪيون ڏنيون آهن.
يونيورسٽي جي پريس پڌرائي موجب هڪ سڃاتل سميت پنج اڻڄاتل جوابدارن استاد جاويد احمد ميراڻي کي جم مان واپسي تي تشدد جو نشانو بڻائي ڌمڪيون ڏنيون جنهن کي ماڻهن وچ ۾ پئجي ڇڏائي ورتو.
استاد جاويد ميراڻي الزام هنيو ته انگريزي شعبي جي شاگرد کيس مارڪون گهٽ اچڻ تي ڌمڪيون ڏنيون هيون.
ٻئي پاسي اهڙي درخواست اي سيڪشن ٿاڻي تي پڻ ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.