بيٽرز لاءِ ڀوائتو خواب بڻيل نيويارڪ جو نسائو ڪائونٽي اسٽيڊيم کي ختم ڪرڻ جو فيصلو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ خاص طور تي تيار ڪيل نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نيويارڪ اسٽيڊيم کي عارضي طور ورلڊ ڪپ جي ميچز لاءِ ٺاهيو ويو هو.
نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي اسٽيڊيم پاڪ-ڀارت ميچ سميت ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي اٺ ميچن جي ميزباني ڪئي.
گذريل ڏينهن ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ نسائو ڪائونٽي ۾ کيڏيل ميچ ٽورنامينٽ جي آخري ميچ هئي.
واضح رهي ته گذريل سال نومبر ۾ نيويارڪ نئون اسٽيڊيم ٺاهڻ ۽ ورلڊ ڪپ جي اٺ ميچن جي ميزباني لاءِ نسائو ڪائونٽي سان هڪ معاهدي کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي.
هلندڙ سال جنوري ۾ ان اسٽيڊيم جي اڏاوت شروع ٿي، اپريل ۾ 34 هزار تماشائين جي گنجائش واري ميدان ۾ آسٽريليا جي ڊراپ اِن پِچ گهرائي وئي ۽ مئي تائين اسٽيڊيم جو ڪم مڪمل ڪيو ويو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شروع ٿيڻ کانپو نيويارڪ جي ان گرائونڊ جي پچز تي عالمي ڪپ جي اٺ ميچن دوران وڏا اسڪور ڏسڻ لاءِ نه مليا اِهو ئي ڪارڻ آهي جو اڳوڻن ڪرڪيٽرن توڻي شوقينن پاران ان کي تمام گهڻي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

NassauCountyInternationalCricketStadium T20WorldCup2024 ICC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.