اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته اسان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، عالمي معيشت ۾ اسان جي نوجوانن جو وڏو حصو آهي.
هن چيو ته گذريل مهيني مهانگائي جي شرح 17 سيڪڙو هئي ۽ هاڻي اها 11 سيڪڙو آهي، اهي سڀ اشارا ظاهر ڪن ٿا ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي ۽ اسان کي ان مان فائدو کڻڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته تعليم جو شعبو سڀ کان اهم آهي، ڇو ته اسان جو مستقبل ان تي ڀاڙي ٿو ۽ روشن مستقبل لاءِ اسان کي پنهنجي نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، کين سمجهائڻو آهي ته کين ڪهڙي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪرڻي آهي ۽ ڪهڙين صلاحيتن کي اڀاري سگهجي ٿو، تعليم اسان جي سماج جي ڪرنگهي جي هڏي جيان آهي.
وفاقي وزير چيو ته آءِ ٽي ٽريننگ ۾ پاڪستان به شامل ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻو پوندو، اسان جي حڪومت موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
attaullahtarar pmln pakistan