ڀارتي فلمساز ڪرن جوهر فلم جي ٽائٽل ۾ بنا اجازت پنهنجي نالو استعمال ٿيڻ خلاف هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو.
ڀارتي خابرو اداري جي ايجنسي جي رپورٽ موجب ڪرن جوهر فلم ”شادي ڪي ڊائريڪٽر ڪرن اور جوهر“ جي فلمسازن خلاف هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو.
جنهن ۾ ليکڪ ۽ هدايتڪار ببلو سنگهه سان گڏوگڏ پروڊيوسر انڊيا پرائيڊ ايڊوائزري ۽ سنجي سنگهه جو نالو شامل آهي.
ڪرن جوهر موجب ان جو ايندڙ فلم سان ڪو واسطو ناهي ۽ بنا اجازت نالي جو غيرقانوني استحصال ڪيو پيو وڃي.
KaranJohar Bollywood Films
You might also like