ڪتن کي انسانن جو سڀ کان وفادار جانور سمجهيو ويندو آهي ۽ اِهو خيال غلط به نه آهي، ڇو ته آمريڪا ۾ هڪ ڪتي پنهنجي مالڪ جيڪو روڊ حادثي سبب هڪ کاهيءَ ۾ ڦاسي پيو هو ان جي حياتي بچائي ورتي آهي.
اِهو واقعي اوريگن رياست ۾ برينڊن جيرٽ سان پيش آيو جيڪو پنهنجن چئن ڪتن سان گڏ Hells Canyon Scenic Byway تي ڪار ڊرائيو ڪري رهيو هو.
پر هڪ هنڌ گاڏي سندس ظابطي مان نڪري وئي ۽ کاهيءَ ۾ وڃي ڪِري.
بيڪر ڪائونٽي جي شيرف آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اِهو واقعو ٻه جون تي پيش آيو هو.
حادثي کانپوءِ برينڊن جيرٽ جي چئن مان هڪ بليو نالي ڪتي ڊوڙي چار ميل پري هڪ ڪئمپ تي پهتو.
ان ڪئمپ ۾ برينڊن جيرٽ ۽ سندس ڀاءُ ترسيل هئا.
ڪتي کي ڏسي ڪئپ ۾ موجود ماڻهن کي اندازو ٿي ويو ته برينڊن جيرٽ سان ڪو حادثو پيش آيو آهي.
برينڊن جيرٽ سڄي رات حادثي واري هنڌ گذاري هئي ۽ پنهنجي تباهه ٿيل گاڏي کان سئو گذ پري هڪ ڪئمپ لڳائي .
سندس خاندان جي ماڻهن ٻي صبح گاڏي کي دريافت ڪيو پر مشڪل رستي سبب برينڊن جيرٽ تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن کانپوءِ هن انتظاميا سان رابطو ڪيو.
بيڪر ڪائونٽي جي شيرف آفيس سميت ٻين ريسڪيو ادارن حادثي واري هنڌ پهچي برينڊن جيرٽ جي ڳولا شروع ڪئي.
ڪجهه دير جي ڳولا کانپوءِ برينڊن جيرٽ ۽ سندس ٽن ڪتن کي ڳوليو ويو ۽ آرين جي مدد سان رستو ٺاهيو ويو.
کيس رسين ذريعي واپس مٿي آندو ويو جنهن بعد هن کي فوري طور طبي امداد لاءِ مقامي اسپتال نيو ويو، جتي سندس حالت بهتر ٿيڻ کانپوءِ گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.
شيرف آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڪتي جي واکان ڪندي چيو وي آهي ته حيرت انگيز طريقي هڪ شخص جي حياتي بچائي ورتي.
					You might also like