محسن نقوي وطن واپس ايندي ئي صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا، سخت فيصلا ڪيا ويندا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي تازي ڪارڪردگي جي حوالي سان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، قومي ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ کي اهم ترين مشن قرار ڏنو ويو آهي ۽ پي سي بي چيئرمين ڏيهه واپس ايندي ئي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.
هن بورڊ عهديدارن، اڳوڻن ڪرڪيٽرز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا آهن.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ۽ پاڪستان ٽيم ۾ سياست ۽ ڌڙابندي جو خاتمو ڪيو ويندو ۽ محسن نقوي تمام جلد پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو .
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جتي ان کي پهرين ميچ ۾ آمريڪا ۽ ٻي ميچ ۾ ڀارت هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.