اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پينشن خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ مالي سال 25-2024 جي بجيٽ ۾ اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير ۾ چيو ته وفاقي حڪومت تي کربين رپين جي ان فنڊڊ پينشن لائبليٽي آهي ۽ پينشن خرچن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي، تنهن ڪري خرچن ۾ واڌ جي شرح کي گهٽائڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته حڪومت ان شعبي ۾ سڌارن لاءِ حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن تي گهڻي حد تائين مشاورت مڪمل ٿي وئي آهي، عالمي معيارن موجب موجوده پينشن اسڪيم ۾ سڌارا آندا ويندا، جن جي نتيجي ۾ ايندڙ ٽن ڏهاڪن جي پينشن لائبليٽي ۾ گهٽتائي ايندي.
سندس چوڻ هو ته نون ملازمن لاءِ ڪونٽريبيوٽري پينشن اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي، جنهن ۾ حڪومت جو حصو هر مهيني ادا ڪيو ويندو، ان سان مستقبل جي ملازمن جي پينشن انهن جي ملازمت جي شروعات سان ئي مڪمل طور فنڊڊ ٿيندي، پينشن جي لائبليٽي کي مينيج ڪرڻ لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو ويندو.
budget2024 pmln muhammadaurangzeb