هائبرڊ ۽ لگزري اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي ڏني ويندڙ رعايت ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت وفاقي بجيٽ ۾ هائبرڊ ۽ لگزري اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي ڏني ويندڙ رعايت ختم ڪري ڇڏي.
بجيٽ دستاويز موجب نئين ٽيڪنالاجي سبب هائبرڊ ۽ عام گاڏين وچ ۾ اگهن ۾ تمام گهڻي فرق سبب هائبرڊ گاڏين جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 2013 ۾ رعايت ڏني وئي هئي.
بجيٽ دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت ٻنهي قسم جي گاڏين جي اگهن ۾ فرق گهٽجي چڪو آهي ۽ مقامي طور تي هائبرڊ گاڏين جي تياري شروع ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اها رعايت هاڻ واپس ورتي پئي وڃي.
ان کانسواءِ حڪومت لگزري اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي ڏني ويندڙ رعايت ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بجيٽ دستاويز موجب لگزري اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي ڏني ويندڙ رعايت واپس ورتي پئي وڃي، ڇو ته 50 هزار ڊالر ۽ ان کان وڌيڪ قيمت جون گاڏيون درآمد ڪرڻ جي سگهه رکندڙ ماڻهو واجب الادا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون به ادا ڪري سگهن ٿا.

Budget2024 pmln mohammadaurangzeb

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.