راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ٽيم تي منشيات سمگلرن جي فائرنگ ۾ ٻن اهلڪارن سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
اي اين ايف ترجمان موجب ڊيوٽي تي مقرر اي اين ايف ٽيم جهلم ڀرسان ترڪئي ٽول پلازا تي شڪي گاڏي کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
ترجمان ٻڌايو ته پيڇو ڪرڻ دوران جوابدار فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اي اين ايف جا ٻه جوان ۽ هڪ سويلين شهيد ٿي ويو.
اي اين ايف ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته شهادت ماڻيندڙن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل گلزار ۽ لانس نائيڪ مظهر شامل آهن.
rawalpindi anf islamabad