فلم ”اينيمل“ لاءِ 200 ڪروڙ رپيا ملن ها تڏهن به ڪم نه ڪيان ها: اداڪار عادل حسين

ڀارتي سينئر اداڪار عادل حسين فلم”ڪبير سنگهه“ ۾ پنهنجي ڪردار تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن مونکي 100 يا 200 ڪروڙ رپيا به ملن ها ته تڏهن به فلم ۾ ڪم نه ڪيان ها.
هڪ انٽرويو دوران عادل حسين اعتراف ڪيو آهي ته مان اڃا تائين سنديپ ريڊي وانگا جي فلم ”اينيمل“ ناهي ڏٺي، جڏهن مونکان پڇيو ويو ته فلم ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيندئو ته جنهن تي مون کين جواب ڏنو هو، ايتري قدر جي مونکي 200 ڪروڙ رپيا به ڏنا وڃن ها ته اها فلم نه ڪيان ها.
اداڪار جو چوڻ هو ته مونکي فلم ”ڪبير سنگهه“ ۾ ڪم ڪرڻ تي افسوس آهي، منهنجي ان بيان تي فلم جي هدايتڪار سنديپ ريڊي وانگا ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو آهي، پر مان اڃا تائين موقف تي قائم آهيان
BollyWood India AdilHussain

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.