اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته اسان کي اڃا تائين بجيٽ جي ڪا به ڄاڻ ناهي، حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ها ته ڪهڙي قسم جي بجيٽ آڻي رهيا آهن، ن ليگ حڪومت پنهنجا واعدا پورا نه ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عوام تي بار وجهڻ اسان جي سياست لاءِ بهتر نه هوندي، اسان کي رڳو بجيٽ بابت شڪايت آهي، اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ هلندي رهي، پ پ کي اعتماد ۾ وٺڻ ن ليگ جو اخلاقي فرض آهي. پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ميمبرن راءِ ڏني ته بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو وڃي، هو جمهوريت جي حمايت ڪري رهيا آهن پر عوام جي مفادن تي سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي، ن ليگ حڪومت واعدا پورو ناهي ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ اڍائي وڳي ٻيهر طلب ڪري ورتو،اجلاس کانپوءِ شازيا مري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميمبرن چيئرمين کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو، قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ به اسان کي نه گهرايو ويو، جيڪڏهن حڪومت جو اهو ئي رويو رهيو ته پوءِ اسان کي سوچڻو پوندو، اسان جيترو ٿي سگهي ٿو حڪومت کي موقعو ڏئي رهيا آهيون،هن چيو ته اسان کي عوام کي جواب ڏيڻو هوندو آهي، لوڊشيڊنگ هجي هاري کي رليف نه ملي انهن سڀني شين تي ڳالهيون ٿيون آهن.
budget PPP Pakgovt