ٽنڊي محمد خان ۾ حفاظتي سهولتن بنا گٽر لائين صاف ڪرائڻ لاءِ لاٿل 3 صفائي ڪندڙ ملازم فوت ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ:  اويس حيدر شورو)  ٽنڊو محمد خان جي شهري علائقي مسجد اقصى اسٽيشن روڊ ڀرسان گٽر لائين جي مين هول جي ڪيل صفائي دوران سينيٽري ورڪر يونس هدايت ، بادل گجراتي ۽ يونس  مسيع گٽر لائين ۾ هڪٻئي کي بچائيندي هڪ ئي وقت فوت ٿي ويا ، جنهن دوران هڪ سينيٽري ورڪر روڊ جي صفائي دوران کين اچي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي بيهوش ٿي بي حال ٿي ويو ، واقعي دوران ميونسپل جي صفائي واري عملي بجاءِ فلاحي تنظيم جي هڪ ورڪر طارق خان پنهنجي جان جي بازي لڳائي گٽر ۾ اندر رسي سان لهي 3 فوتين جا لاش گٽر مان ٻاهر ڪڍي پاڻ به بي حال ٿي ويو ، سندس وڏي ڪارنامي تي شهرين کيس سلام پيش ڪيو ، جڏهن ته بيهوش ٿيل هڪ پورهيت کي ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال پهچائي طبي امداد ذريعي هوش ۾ آندو ، بعد ۾ ٽن فوتين سميت هڪ بيهوش سينيٽري ورڪر کي اسپتال پهچايو ويو ، اسپتال پهچڻ تي ٽن سينيٽري ورڪر پورهيتن جي فوتگي جي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ، بيهوش ٿيل پورهيت کي طبي علاج ڏئي هوش ۾ آندو ويو ، فوت ٿي ويل پورهيتن جي وارثن لاشن کي ايمبولينس ذريعي کڻائي ٽنڊو محمد خان جي حيدرآباد بدين روڊ تي سخت گرمي نٽهڻ اس ۾ 4 ڪلاڪ طويل ڌرڻو هنيو ، ڌرڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر ، ايس ايس پي سميت ضلعي جو ڪو به بالا عملدار پهچي نه سگهيو ، ڌرڻي سبب 3 عورتن 4 مردن سميت 7 سينيٽري ورڪر پورهيت سخت گرمي جي ڪري بيهوش ٿي پيا ، 4 ڪلاڪن جي بعد ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين سيد شاهنواز شاھ ڌرڻي ۾ اچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ، جنهن ۾ فوت ٿي ويل 3 پورهيتن جي وارثن کي هر هڪ فوتي جي وارث کي 3-3 لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ۽ کين فوري طور ميونسپل ڪميٽي ۾ 3 ملازمت جا ڪچا آفر آرڊر ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ کين اهو به يقين ڏياريو ته فوتين جي وارثن کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان سنڌ سرڪار طرفان الڳ معاوضو ڏيارڻ 3 ڀرتي ڪيل ملازمن کي پڪو ڪرائڻ جو يقين ڪرايو ، جنهن جي بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪيو ، جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين سيد شاهنواز شاھ ، وائيس چيئرمين عبداڪريم شيخ ، سي ايم او اعجاز ملاح ميونسپل آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته واقعي جي 7 رڪني ڪميٽي کان جانچ ڪرائي ويندي ،  واقعو ڪهڙي سبب پيش آيو آهي جنهن ۾ ڪا به ڪوتاهي ثابت ٿي ته ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ فوت ٿيل پورهيتن جي وارثن کي 3-3 لک روپين جا چيڪ ۽ کين نوڪريون ڏيڻ جا آفر آرڊر ڏنا ويندا ، ميونسپل جي ملازمن کان علاوه سماجي تنظيم جي ورڪر طارق خان ۽ سندن هڪ ساٿي کي ملازمت ڏني ويندي ، ميونسپل جي صفائي واري عملي کي گئس ڪٽ ۽ صفائي جو سمورو سامان فراهم ڪيو ويو آهي ، جنهن ۾ واقعي جي پڻ جانچ دوران ڪو به ذميوار ثابت ٿيو ته ان کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته ٻن پورهيتن جي اڄ تدفين ٿيندي ، هڪ پورهيت جي ٽنڊو محمد خان ۾ تدفين ڪئي وئي آهي . ٻي طرف ٽنڊو محمد خان جي سياسي سماجي قومپرست تنظيمن سول سوسائٽي جي پير احمد سعيد جان سرهندي ، ڊاڪٽر جي ايم گل ، عبدالحفيظ سٺيو ۽ ٻين واقعي جي ذميوار عملدارن ۽ ميونسپل جي واسطيدارن خلاف قانوني ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي ، واقعو ڪهڙي سبب پيش آيو آهي ميونسپل جي سينيٽري ورڪرن کي سندن صفائي واري ڪم ۾ سامان فراهم ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ميونسپل جي آفيسرن کي معطل ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

  1. صفائي ملازمن کي گهربل سامان ئي نٿو ڏنو وڃي: علي نواز ٽالپر

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر)ٽنڊومحمدخان ۾ 3 سينيٽري ورڪر فوت ٿيڻ واري واقعي تي ماحول سوڳوار آهي،  اڳوڻي صوبائي وزير مير علي نواز خان ٽالپور واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دنيا ترقي ڪري وئي پر ٽنڊومحمدخان ۾ اھي ساڳيا طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن،انتظاميا فوت ٿيل سينيٽري ورڪرن کي ماسڪ گئس ڪٽ، وردي ۽ ٻيو سامان مھيا  نه ڪيو جنهن سبب گٽر ۾ لٿل پوھيت فوت ٿيا آھن اھا انتظاميا جي لاپرواھي آهي ۽ خبر ناھي ته اھيو سلسلو ڪيستائين ھلندو،هن چيو ته انتظاميا کي گھرجي ته گٽر جي مين ھول ۾ لھڻ لاءِ گھربل سامان مھيا ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.