چين کي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي تي خدشا، وزيراعظم جو به اعتراف

اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين جي دوري دوران حڪومتي وفد آڏو سڪيورٽي جو معاملو هر سطح تي اٿاريو ويو. وفاقي ڪابينا ۾ چين جي تازي دوري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم  شهباز شريف چيو ته چين جي تازي دوري دوران حڪومتي وفد جي سامهون سيڪيورٽي جو معاملو هر سطح تي اٿاريو ويو.  وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دوري دوران هر طرف سيڪيورٽي خدشن تي ڳالهيون ٿيون، حڪومت سان ڳالهيون هجن يا حڪومت ۽ ڪاروباري ڪمپنين وچ ۾ ڳالهيون هجن. وزيراعظم چيو ته سٺي ڳالهه اها آهي ته دورو مثبت انداز ۾ ختم ٿيو جنهن جو مطلب آهي ته تمام جلد هڪ اعليٰ سطحي چيني وفد پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ سي پيڪ 2 تيزي سان اڳتي وڌندو. ڪابينا ميمبرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته چين جي دوري کان اڳ ڪيترائي اجلاس ٿيا، چين جي دوري دوران سيڪيورٽي جا معاملا ايجنڊا ۾ سرفهرست هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.