اصل ۾ لالچڻ آهيان پر ڊرامي ۾ اهو ڪردار ناهي ٿي سگهندو:حرا ماني

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا حرا ماني هڪ انٽرويو دوران پاڻ کي پئسن جو لالچي قرار ڏئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
حرا ماني شوبز جي دنيا ۾ بطور هوسٽنگ قدم رکيو هو، جنهن بعد هن ڊرامي ”پريت نه ڪريو ڪوئي“ سان اداڪاري جي شروعات ڪئي.
اداڪارا سوشل ميڊيا تي گهڻو متحرڪ رهندي آهي ۽ پنهنجي وڊيوز تي ڪڏهن تعريف ته ڪڏهن تنقيد کي منهن ڏيندي رهندي آهي.
اداڪارا گهڻو ڪري انٽرويوز ۾ ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه چوندي آهي جنهن سان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي وڃي.
هن جي هڪ ماضي ۾ ڏنل انٽرويو ۾ چيل ڳالهه سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ هو پنهنجي باري ۾ انوکو انڪشاف ڪندي آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ان وڊيو ڪلپ ۾ حراماني ڊرامن ۾ ناڪاري ڪردار تي موقف ڏيندي نظر آئي.
اداڪارا جو وڊيو ۾ چوڻ هو ته مونکان پئسن جي لالچ وارو ڪردار ادا ناهي ٿي سگهندو، پر مان اصل ۾ پئسن جي لالچي آهيان، پر ٽي وي تي اهڙو ڪردار ناهيان ڪري سگهندي.

Hiramani Showbiz Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.