ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ ڀرسان جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ مولوي غلام رسول بجاراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مسمات صڀائي شيخ کي پنهنجي مڙس جوابدار رياض شيخ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ تي جمال ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
حد جي پوليس مقتولا جي لاش کي ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
ٻئي پاسي جمال ٿاڻي جي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جوابدار کي هن وقت تائين پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي.
پوليس ذريعن ٻڌايو ته جوابدار قتل ڪرڻ بعد گرفتاري جي ڊپ کان فرار ٿي ويو آھي اسان سندس گھر ٻاھران پوليس ويھاري ڇڏي آھي کيس سوگھو ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻينداسين.
Kandhkot Sindh