بدين ۾ گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ احتجاج

بدين: (رپورٽر) گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ، مهانگائي خلاف پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ بدين جي اڳواڻن پاران احتجاج ڪيو ويو.

مولانا رضا الله نهڙيو، بهادر کوکر ۽ رياض ملاح جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته حڪمرانن جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، پورهيت طبقو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.