جروار: راڄوڻي ذريعي واپس ڪرايل پسند جي شادي ڪندڙ عورت کي سڌا فائر هنيا ويا

جروار (رپورٽر) جروار ويجهو پسند جي شادي ڪندڙ عورت کي راڄوڻي ذريعي گهرائي کيس بندوق جا فائر ڪري مرڻينگ ڪيو ويو.

ڳوٺ شير محمد ڪولاچي ۾ نادرا ڪولاچي کي راڄوڻي ذريعي واپس آندو ويو هو جنهن کي رات جي وقت جوابدارن قتل ڪرڻ لاءِ فائر ڪيا جنهن سبب سخت زخمي حالت ۾ سول اسپتال ۾ داخل آهي.

نادرا ڪولاچي بيواهه هئي جنهن گهوٽڪي جي رهواسي نواز چاچڙ سان پسند جي شادي ڪئي هئي.

پسند جي شادي کانپوءِ ڪولاچي برادري جا ماڻهو عورت کي کنڀي آيا هئا جن زبردستي سندس نڪاح امير بخش ڪولاچي سان ڪرائي ڇڏيو هو.

زبردستي نڪاح کانپوءِ عورت جي پريمي نواز چاچڙ عدالت ۾ درخواست ڏئي نادرا کي واپس حاصل ڪيو هو جنهن کي ٻيهر راڄوڻي ذريعي واپس ڪرائي ساڻس جبري نڪاح ڪندڙ امير بخش ڪولاچي حوالي ڪيو ويو هو.

رات جي وقت عورت کي قتل ڪرڻ جي نيت سان جوابدارن کيس ڪارتوسن جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.

Ghotki Kacha Sardar

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.