سيڪيورٽي فورسز جو لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن، 11 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 11 دهشتگردي مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز آپريشن تازو آءِ اي ڊي ڌماڪي جي تناظر ۾ ڪيو. آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ ڪيپٽن محمد فراز الياس سميت ست فوجي شهيد ٿيا هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران دهشتگردن جا ڪيئي ٿاڪ پڻ تباهه ڪري ڇڏيا، آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جي ٿاڪن جو پتو لڳايو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آه يته ڪِريل فعل جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف ڪارروائي دوران 11 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
وزيراعظم جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سر تري تي رکي دهشگردن خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو، دهشگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سدائين مضبوط ڀت ثابت ٿيون آهن.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺي آهي، اسان پاڪ فوج جي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.