نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته پِچ صحيح هئي ڪجهه بال اميد موجب پيٽ تي نه آيا.
بيٽرن جي لاپرواهي، غير ذميواري ۽ غفلت سبب پاڪستان کٽيل ميچ هارائي ويو، بيٽر ڀارت خلاف 120 رنسن جو هدف به حاصل نه ڪري سگهيا.
فخر زمان، شاداب خان، عماد وسيم کي جڏهن سنگلز ٺاهڻيون هنيون ان وقت وڏي شاٽ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ جڏهن هٽ لڳائڻ جو وقت آيو ته سنگلز وٺڻ لڳا.
ڀارت ميچ ڇهن رنسن تان کٽي پاڪستان جي سپر ايٽ تائين رسائي اٽڪل ناممڪن بڻائي ڇڏي آهي، جيڪڏهن آمريڪا آئرلينڊ کي هارائي ڇڏيو ته گرين شرٽس لاءِ ورلڊ ڪپ جو سفر تمام ٿي ويندو.
ميچ کانپوءِ گفتگو ڪندي بابراعظم چيو ته بيٽنگ ۾ شروعاتي ڏهن اوورن تائين راند اسان جي ڪنٽرول ۾ هئي پر اننگز جي آخري ڏهن اوورن ۾ اسان سٺي بيٽنگ نه ڪري سگهياسين.
هن وڌيڪ چيو ته پِچ سٺي هئي، بال بيٽ تي اچي رهيو هو، ڪجهه بال اميد موجب بيٽ تي نه آيا.
T20WorldCup2024 Pakistancricketteam BabarAzam IndvsPak