اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل شهري جي پيءَ کي 30 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي خيبر پختونخواهه جي گم ٿيل شهري جي پيءَ کي 30 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
خيبر پختونخواهه جي گم ٿيل شهري هارون محمد جي آزادي جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي حڪم جاري ڪيو.
عدالت وفاقي حڪومت کي گم ٿيل شهري جي پيءَ کي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ 30 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
هاءِ ڪورٽ آءِ جي ڪي پي کي درخواستگذار کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

ihc islamabadhighcourt pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.