بلوچستان جو نوجوان آڪسفورڊ يونين جو صدر چونڊجي ويو

ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان سان تعلق رکندڙ اسرار ڪاڪڙ آڪسفورڊ يونين جو صدر چونڊجي پاڪستان لاءِ هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪري ورتو، اسرار ڪاڪڙ جو تعلق بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله جي هڪ ڳوٺ سان آهي. اسرار ڪاڪڙ پهريون پشتون ۽ ٽيون پاڪستاني آهي جيڪو آڪسفورڊ يونين جو صدر بڻيو، ان موقعي تي اسرار ڪاڪڙ چيو ته هڪ انتهائي پسمانده ڳوٺ مان هتي پهچڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ اي پي ايس سانحي ۾ زخمي ٿيل احمد نواز به آڪسفورڊ يونين جو صدر رهي چڪو آهي.

Israr Kakar Balochistan OxfordUnionpresident

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.