نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا خلاف ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ پاڪستاني بيٽر اعظم خان ڀارت خلاف مئچ مان آئوٽ ٿي ويو.
ذريعن موجب پاڪستان ڀارت خلاف مئچ لاءِ ٽيم جا 11 رانديگر فائنل ڪري ورتا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا خلاف ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ اعظم خان کي ڀارت خلاف مئچ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي.
اعظم خان جي جاءِ تي عماد وسيم کي شامل ڪيو ويندو، قومي ٽيم چار فاسٽ بالرز، ٻن آلرائونڊرز سان ميدان ۾ لهندي.
AzamKhan Pakistan T20Worldcup2024
You might also like