يوڪرين ۾ فتح لاءِ ايٽمي هٿيارن جي ضرورت ناهي: پيوٽن

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس جي صدر ولاديمر پيوٽن چيو آهي ته اولهه ملڪن جا مجموعي ايٽمي هٿيار به روس جي ايٽمي هٿيارن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، هن واضح ڪيو ته يوڪرين۾ فتح لاءِ روس کي ايٽمي هٿيارن جي ضرورت ناهي.
پيوٽن اها ڳالهه سينٽ پيٽرز برگ عالمي اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي چئي.
روس جي صدر چيو ته ايٽمي هٿيارن جي استعمال بابت هر شئي طئي ۽ لکيل آهي، ايٽمي هٿيارن جو استعمال رڳو عيرمعمولي حالتن ۾ ئي ممڪن آهي، جيڪڏهن خودمختياري ۽ ملڪي سلامتي کي خطرو هجي ته انهن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسان نٿا سمجهون ته اهڙي صورتحال کي روس منهن ڏئي رهيو آهي. جيستائين روسي ڪردار موجود آهي، روس کي ايٽمي هٿيارن جي ضرورت ناهي……

 

Putin Russia ukraine

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.