ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پريس ۾ سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين طرفان سنڌ اندر تعليم جو نظام بھتر نه ھجڻ، سنڌ جي تعليم کاتي ۾ بجيٽ جي واڌاري ۽ تعليمي ادارن ۾ ٻين مسئلن جي حوالي، تعليم بنيادي حق ۽ حڪومت جون ذميواريون ھيٺ، سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنھن ۾ اڳوڻي وفاقي وزير تعليم مدد سنڌي، پروفيسر اعجاز قريشي، انيس ميمڻ، ايم بي لاشاري، ڊاڪٽر شير ميراڻي، اڪبر ملڪ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي ساڃاهه وند جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ تعليمي ادارن ٻاھر 60 لک ٻار جيڪي تعليم جي زيور کان پري آھن، نياڻين جي اسڪولن ۾ واش روم موجود نه آھن، نياڻيون انتھائي پريشانين کي منهن ڏئي رھيون آھن، ھڪ ته اڳ ئي سنڌ اندر نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ جو ريشو گھٽ آھي، پر جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ اچن ٿو انھن کي به بنيادي سهولتون مهيا نه ٿيون ڪيون وڃن، حڪومت چاھي ته سنڌ اندر تعليم جو نظام بھتر ٿي سگھي ٿو پر اسان وٽ سزا جزا جو قانون ناھي. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن اندر يونين وارو نظام ختم ڪيو وڃي، ڪاميٽي ٺاھي رھيا آھيون ڪاميٽي ۾ سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ تعليم سان واسطو رکندڙن ميمبرن تي ٺاھي ويندي جنھن ۾ اعجاز قريشي، مسعود نوراني، ڊاڪٽر عابده گھانگھرو، ڊاڪٽر فهميده حسين، نورالھدا شاھ، آمنه ابڙو ٻيا شامل آھن. ڪاميٽي نظر رکندي ته جيڪا پاليسي جوڙي ٿي وڃي سنڌ اندر تعليم بابت آخر ان تي عمل ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، ساڃاهه وند علائقي جي ايم پي اي کان پڇاڻو ڪيو ويندو ته توھان جي تڪ ۾ موجود اسڪول بھتر ڇو نه ٿي رھيا آھن، انھن کان اھو به پڇاڻو ڪيو ويندو ته جنھن علائقي جي ماڻھن کان ھو ووٽ وٺي اقتدار ۾ اچن ٿا پنھنجي ووٽرن ٻارن جي بنيادي مسئلي تعليم لاءِ ڪھڙا اپاءُ ورتا آھن، جلد ھڪڙي مھيني اندر رپورٽ ٺاھي پوءِ سنڌ جي تعليم واري وزير سان ملاقات به ڪنداسين، استادن جي ڀرتي وقت ميرٽ تي استاد ڀرتي ڪيا وڃن ڪوبه استاد سياسي ماڻھو جي چوڻ نه ڪيو وڃي. ھنن وڌيڪ چوڻ هو ته پڙھيل لکيل سنڌ ھوندي ته اھا پنھنجي قوم جي فلاح بھبود لاءِ گھڻو ڪجهه ڪندي، ايندڙ بجيٽ ۾ تعليم کاتي کي وڌيڪ بجيٽ ڏني وڃي جيئن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ خرچ ٿئي، تعليم کاتي اندر بجيٽ خرچن بابت نظر رکي وڃي، اسان اگر سوسائٽي، ساڃاهه وند گڏجي ڪري مختلف علائقن ننڍا ننڍا گروپ ٺاھي اگر تعليمي ادارن تي نظر رکي ان بھتر بنائڻ جي ڪوششون ڪيون ته سنڌ جو تعليمي نظام بھتر ٿي ويندو. ھنن وڌيڪ چيوته سنڌ جي تعليم ايتري پوئتي ھلي ويئي آھي جو ان نقصان جو ڪاٿو لڳائي ئي نه ٿو سگهجي، اسان پڙهيل لکيل نوجوان کي نوڪريون ناھن، سنڌ جي تعليم جو نظام ايترو پوئتي ڌڪيو ويو جو ھاڻ نئون تعليمي نظام ٺاھڻو پوندو، سوسائٽي کي اڳتي اچي ڪري ان نظام کي حڪومت سان گڏجي بھتر بنائڻ جي ضرورت آھي.
School Children Sindh