ڪرڪيٽ ٽيم به ملڪي حالتن وانگر زوال پذير آهي

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ ئي آمريڪا جي نئين ڪرڪيٽ ٽيم هٿان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي هار جيتوڻيڪ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي حامين کي برابر شديد صدمو به رسايو آهي ته ڇرڪايو به آهي ته مايوس به ڪيو آهي. ان ميچ جو ڪرڪيٽ جي نظر سان به جائزو وٺي سگهجي ٿو ته ملڪ جي سياسي پس منظر ذريعي به ڏسي سگهجي ٿو. ڪرڪيٽ جي اک سان ڏسبو ته ٻيو تبصرو هوندو پر سياسي طور جائزو وٺبو  ته ٻيو جائزو هوندو.

پنهنجو خيال اهو آهي ته ملڪي حالتون ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جي صورتحال  هڪ جهڙي آهي. جيئن ملڪ ٿو هلي تيئن ئي پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٿي هلي. جيئن پاڪستان اندر حڪومتي ۽ جمهوري استحڪام ناهي تيئن ئي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽ ٽيم غير يقيني جو شڪار رهي آهي. جيئن ملڪ اندر ننڍين قومن کي ملڪي سيٽ اپ ۾ ميرٽ تي نمائندگي نه ٿي ملي تيئن ئي ڪرڪيٽ ۾ ننڍين قومن ۽ صوبن مان قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ رانديگر کي نمائندگي نه ٿي ملي. جيئن ملڪ جي حڪومتي نظام ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت رهي آهي تيئن ئي ڪرڪيٽ ۾ به اها اسٽيبلشمينٽ حاوي رهي آهي. جيئن ملڪي حڪومتي سيٽ اپ ۾ هڪ وڏو صوبو سڀني تي ڀاري آهي تيئن ئي ڪرڪيٽ ۾ هڪ وڏو صوبو حاوي آهي جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي حاصل آهي.

ملڪ جي ننڍن صوبن جي عوام کي هميشه ان ڳالهه تي اعتراض رهيو آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڇو چيو ويندو آهي جڏهن ته اها ڪنهن ريت به قومن جي رانديگرن جي نمائندگي نه ٿي ڪري ٻيو ته ڇڏيو ڪراچي جي رانديگرن کي به اها احساس محرومي هوندي آهي ته کين ڪراچي جو هجڻ ڪري نظرانداز ڪيو پيو وڃي. انهيءَ سبب ننڍن صوبن جو اڪثريتي عوام پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو حامي ناهي هوندو ۽ اهو ان جي هارائڻ تي خوش ٿيندو آهي. پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪڏهن به ان تاثر جو سنجيدگي سان نوٽيس ناهي ورتو.

جيئن ملڪ جي جمهوري نظام کي تسلسل سان هلڻ نٿو ڏنو وڃي تيئن ئي ڪرڪيٽ بورڊ کي به تسلسل سان هلڻ نٿو ڏنو وڃي جنهن جو اثر ڪرڪيٽ ٽيم ۽ ان  جي ڪارڪردگي تي سڌوسنئون پيو آهي هتي ايئن ٿيندو آهي ته جيئن ئي حڪومت تبديل ٿيندي آهي، ٻيو وزيراعظم بڻبو آهي ته اهو وزيراعظم ڪرڪيٽ بروڊ جو چيئرمين  به پنهنجو مقرر ڪندو آهي، ايئن ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين وري سليڪشن ڪميٽي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سليڪشن ڪميٽي جي  چيئرمين تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، سليڪشن ڪميٽي جو چيئرمين وري سليڪشن ڪميٽي جو نون ميمبرن جي صلاح سان ڪپتان به تبديل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڪوچز اسٽاف به تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن سبب ڪرڪيٽ ٽيم ۽ ان جي ڪارڪردگي  ۾ به تسلسل ناهي هوندو.

ان سلسلي ۾ ويجهي تاريخ جو ئي مثال وٺون ته مسلم ليگ(ن) جي 2013ع واري حڪومت ۾ نجم سيٺي کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻايو ويو هو، وري 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي ۽ عمران خان وزيراعظم بڻيو ته ان نجم سيٺي کي هٽائي احسان ماني کي چيئرمين بڻايو ۽ اڳتي هلي پاڻ ئي ان کي هٽائي رميز راجا کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻايو وري بي اعتمادي جي تحريڪ سان وزيراعظم عمران خان جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو ۽ شهباز شريف جي اتحادي حڪومت جڙي ته وري پ پ جي اصرار تي ذڪا اشرف کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻايو ويو  وري 2024ع جي چونڊن کانپوءِ مسلم ليگ شهباز شريف جي حڪومت ذڪا اشرف جي جڳهه تي محسن نقوي کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻايو. اها سڀني کي خبر آهي ته محسن نقوي ڪنهن جو ماڻهو آهي. محسن نقوي وري ذڪا اشرف جي هٽايل ڪپتان بابر اعظم کي وري ورلڊ ڪپ لاءِ ڪپتان مقرر ڪيو ۽ ذڪا اشرف جي مقرر ٿيل ڪپتان شاهين آفريدي کي هٽائي ڇڏيو. ايئن سليڪشن ڪميٽيون ۽ ڪوچز به تبديل ٿيا.

ڪرڪيٽ ٽيم ۾ملڪ جي ٻين ادارن جيان سفارشن جو به واضح عمل دخل هوندو آهي. شان مسعود، افتخار احمد، اعظم خان وغيره خراب ڪارڪردگي باوجود ٽيم جو مسلسل حصو رهيا آهن. سو جيئن ملڪ جي ٻين ادارن اندر ميرٽ جي لتاڙ ٿيندي رهي آهي. تيئن ڪرڪيٽ ۾ به ٿيندي رهي آهي. ايئن جيئن ملڪ جو حڪومتي انتظام اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت سبب تباهه ۽ برباد آهي جنهن لاءِ هاڻي عدالتن جا جج به ڳالهائڻ لڳا آهن ته اسٽيبلشمينٽ عدالتي فيصلن ۾ مداخلت ڪندي رهي آهي. تيئن ڪرڪيٽ ۾ به اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت هوندي آهي.

سو جهڙو ملڪ هوندو آهي، جهڙيون ان جون پاليسيون هونديون آهن ته ٻين ادارن تي به ان جو اثر پوندو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بروڊ ۽ ڪرڪيٽ ٽيم به ان جي اثر کان ناهي بچيل. سو پاڪستان جي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين، سليڪشن ڪميٽي، ڪپتان ۽ ڪوچز جي مقرري توڙي پاليسين ۾ تسلسل نه هئڻ ۽ مداخلت جي نتيجي ۾ ڪرڪيٽ ٽيم ۽ ان جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل ناهي، نه ميرٽ آهي ۽ نه ئي پيشه ور گهرجن تحت ٽيم ٺهيل آهي. ٽيم اندر سفارشي رانديگر واضح طور نظر اچي رهيا اهن. نالا کڻي به ٻڌائي سگهجي ٿو. مثال طور شاداب خان، اسپن بالنگ ۾ ڪافي عرصي کان آئوٽ فارم آهي، افتخار احمد 66 ميچن ۾ هڪ به ميچ وننگ اننگ ناهي کيڏي سگهيو، ٻيو ڀيرو سپر اوور ۾ ناڪام رهيو آهي، اعظم خان جي حالت عالم آشڪار آ ته هُو اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان جي پٽ طور ٽيم ۾ هلي رهيو آهي.  ماضي جو ريڪارڊ ڏسبو ته وقار يونس جڏهن به بالنگ جو ڪوچ ٿيو آهي ته پاڪستان جي بالنگ ۾ وننگ رهي آهي ته پوءِ ورلد ڪپ لاءِ اهو بالنگ ڪوچ ڇو ناهي؟ مطلب ته ميرٽ ناهي.

انهيءَ سڄي پس منظر ۾ ڏسجي ته پاڪستاني ٽيم پروفيشينلي طور دنيا جي سڀ کان ڪمزور ٽيم آهي. ٽيم جي سليڪشن ۾ به ميرٽ ناهي پوءِ اهڙي ٽيم مان ان قسم جي ئي ڪارڪردگي جي توقع ڪري سگهجي ٿي.  سو ڪرڪيٽ ٽيم به پاڪستان جي ملڪي حالتن جهڙي زوال پذير آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.