لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽي وي پروگرام ”مذاق رات“ جي عورت ميزبان حنا نيازي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس شو ۾ کِلڻ جا لکين رپيا ملندا هئا.
حنا نيازي جي هڪ پراڻي انٽرويو جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ کيس شوبز ۾ اچڻ بابت ڳالهائيندي ڏٺو ويو.
هڪ انٽرويو ۾ حنا نيازي ٻڌايو ته منهنجو بابا ٽي وي تي اچڻ جو مخالف هو، پر منهنجي ماسڙ کيس راضي ڪيو ته سٺو شو آهي ان ۾ صرف خبرون ئي پڙهڻيون آهن، جنهن تي هن اجازت ڏني.
ان حوالي سان حنا نيازي جو چوڻ هو ته ايمانداري سان ٻڌايان ته مونکي صرف کلڻ جا پئسا ملندا هئا ڇو ته پروگرام جي آخر صرف ۾ 2 خبرون پڙهڻ لاءِ هونديون هيون.
اڄڪلهه ميزبان نجي ٽي وي تي اڳوڻي ڪرڪيٽر رميز راجا سان گڏ شو ڪري رهي آهي.
Showbiz Mazaqraat Hinaniazi