ڊيلس (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ليجنڊري آل رائونڊر يوراج سنگهه ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان جي آمريڪا هٿان شڪست کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو آهي.
يوراج سنگهه ايڪس تي پاڪستاني بيٽنگ لائين بابت سوال ڪندي حيرت جو اظهار پڻ ڪيو .
هن لکيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن آمريڪي ٽيم طرفان لفٽ آرم بالر بالنگ ڪري رهيو هو ته فخر زمان اسٽرائيڪ ڇو نه آيو، فخر جيئن ته کاٻڙيل بيٽر اهي انڪري کيس بالر کي هٽ لڳائڻ يا کيڏڻ ۾ سولائي ٿئي ها.
يوراج چيو ته بهرحال آمريڪا جي ٽيم کي ڪريڊٽ ڏيڻو پوندو، جنهن نموني آمريڪي ڪپتان دٻاءُ واري صورتحال ۾ هوشيار ۽ بهترين فيصلا ڪيا ان تي هو جس لهڻي.
هن وڌيڪ لکيو ته هاڻ پاڪستان کي ڀارت خلاف لازمي کٽڻو پوندو ۽ کين يقيني طور تي بيٽنگ ۽ فيلڊنگ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ڇو ته ڀارت جي ورلڊ ڪپ ايونٽ ۾ مضبوط شروعات ٿي آهي تنهنڪري اسان کي هارائن ڏکيو هوندو.
Prev Post
You might also like